ڀائي خان شر

ڀائي خان شر

ڀائي خان شر

ڀائي خان شر، ڊاڪٽر: مشھور تعليمدان پروفيسر ڊاڪٽر خان شر'>ڀائي خان شر جو جنم 24 اپريل 1960ع تي خيرپور ضلعي جي مشھور ڳوٺ مينگھو فقير شر ۾ ٿيو. 1976ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1979ع ۾ انٽرميڊيٽ ڪرڻ کانپوءِ مھراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان (آرڪيٽيچر اينڊ ٽائون پلاننگ) جي ڊگري 1986ع ۾ حاصل ڪئي. 1996ع ۾ يونيورسٽي جي پھرين سيلف فنانس اسڪيم مان پرڏيھھ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ميرٽ اسڪالر شپ حاصل ڪئي.2002 ع ۾ يونيورسٽي آف نيوڪيسل اپان ٽائين (England) مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڳوٺ مينگھو فقير مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪندڙ پھريون شخص ڊاڪٽر خان شر'>ڀائي خان شر پنھنجي عملي زندگي جي شروعات 1986ع ۾ ان وقت جي جڳ مشھور ”آرڪيٽيڪچرل ڪنسلٽنٽ فرم ”رزڪي اينڊ ڪمپني“ سان بحيثيت آرڪيٽيڪٽ ڪئي. 1988ع ۾ مھراڻ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1992ع کان ”اسسٽنٽ پروفيسر“ طور مھراڻ يونيورسٽي آف ”انجنيئرنگ“ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ ڪم ڪيو. 2005ع ۾ پروفيسر ٿيو. 2007ع ۾ ڊائريڪٽر سينٽر آف ايڪسيلينس ان آرٽ اينڊ ڊزائن مقرر ٿيو. جتي ٻارنھن سالن جي جستجو ۽ اڻٿڪ محنت سان سينٽر مان ملڪ جي پھرين آرٽ ڊزائين يونيورسٽي قائم ڪرائي. ان يونيورسٽي جو نالو، ”شھيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائين اينڊ ھيريٽيج“ آھي. ڪيترن ئي ادارن پاران کيس بهترين ڪارڪردگي جي ايوارڊن سان نوازيو ويو. پروفيسر ڊاڪٽر خان شر'>ڀائي خان شر مختلف علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان پڻ واسطا رھيو، جن ۾: جنرل سيڪيريٽري مھراڻ يونيورسٽي ٽيچر ايسوسئيشن ڄامشورو، صدر پاڪستان اسٽوڊنٽ ايسوسئيشن نيوڪاسل اپان ٽائن (UK) وغيره سان گڏ، مھراڻ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو ۾ بطور چيئرمئن پڻ خدمتون انجام ڏنيون. پروفيسر ڊاڪٽر خان شر'>ڀائي خان شر ٢٠٠٠ع ۾ يو ايس اي لاٽري مان گرين ڪارڊ پڻ کٽيو ۽ آمريڪا جي شھريت حاصل ڪئي. پر 2002ع ۾ خاندان سميت آمريڪا ويو، پر 2004ع ۾ آمريڪا کي خدا حافظ ڪري واپس وطن آيو. هن وقت ڄام شورو ۾ رھائش پذير آھي ۽ سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ ۽ ڊزائين مھراڻ يونيورسٽي ۾ بطور ڊائريڪٽر پنھنجا فرض انجام ڏئي رهيو آهي. پنھنجي ميرٽ تي ئي بورڊ آف انٽر ميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايڊيو ڪيشن سکر جو سربراھه مقرر ٿيو. سيپٽمبر 2020ع ۾ سنڌ حڪومت سندس ڪارڪردگي جي مڃتا طور ملڪ جي پھرين آرٽ ۽ ڊزائين يونيورسٽي جو پھريون وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جو اعزاز ڏنو. ڊاڪٽر شر جي آرڪيٽيچر جي فن جي هڪ ڪاميابي اها به آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختياري اداري جي عمارت سندس ڊزائن ڪيل آهي.هن وقت ”شھيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائين اينڊ ھيريٽيج“ جي وائيس چانسلر طور خدمتون انجام ڏيئي رهيو آهي.


لفظ ڀائي خان شرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.04.24  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر جو جنم 24 اپريل 1960ع تي خيرپور ضلعي جي مشھور ڳوٺ مينگھو فقير شر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چرن سنگھه
پنا لال بي ڪشوراڻي
آصف قاضي
ابن الهيثم
جوکيو محبوب علي
مولوي محمد ابراھيم انيس مهيري
ٿامس هينري ونس
ڊيلز جارج فرينڪلن
وزير علي ڀنڊ
سردار خان چانڊيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون